اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اولهه ۾ حضور ??ڪر?? ﷺ جي شان ۾ گستاخي جا مذمت جوڳا واقعا ٿيا جنهن تي سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ ڏٺي وڃي ٿي، اسان کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام جي حقيقي پيغام کي اجاگر ڪرڻ لاءِ حضور ??ڪر?? جي زندگي??َ مُبارڪ ۽ قرآن پاڪ جي پيغام کي سڄي دنيا ۾ عام ڪرڻو پوندو، سڄي ملڪ ۾ ڪو??ونا وائرس جي ٻي لهر جو خطرو وڌي رهيو آهي ان لاءِ سخت احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي، عيد ميلاد ال??بي ﷺ جي سمورين تقريبن ۾ احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد ال??بي ﷺ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.