اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم ??يڪ??هن اڳ وانگر ڪورونا کان بچاءُ جي ضابطن تي ??مل ڪيو ته ماڻهن سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار ۽ معيشت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، ??يڪ??هن ايس او پيز تي ??ملدرآمد نه ڪيو ويو ته صورتحال انتهائي ڳڻتي ??وڳي ٿي سگهي ٿي، گلگت بلتستان ۾ چونڊن کانپوءِ ڪورونا تيزي سان پکڙيو آهي، ڪورو??ا وبا جي ڏس ۾ اسان پنهنجو جلسو ملتوي ڪري رهيا آهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي هوندي، فيڪٽرين، دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي ايس او پيز تي ??ملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، اسڪولن ۾ ڪورونا جي صورتحال جو وڌيڪ جائزو وٺي ايندڙ هفتي فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا بابت رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.