اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مريم نواز جي تقريرن مان واضح آهي ته اهي شڪست مڃي چڪا آهن، ناڪامي ۽ شڪست انهن جو مقدر آهي، ا??ي ماڻهو هڪ طرف گلگت بلتستان ??ي جمهوري عمل ۾ شريڪ آهن پر ٻئي طرف جمهوريت جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مريم نواز جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته اها آهي انهن ??ي جمهوريت ۽ آئين سان پاسداري. اها سياسي بدحواسي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ق??م انهن کي بددعائون ڏئي رهي آهي جن پنهنجا کيسا ڀري عوام کي ڪنگال ڪيو.