لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ??حت جي معياري ۽ سستي سهولتن جي فراهمي ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هليٿ ڪارڊ جي ڪري نه رڳو عام ماڻهو کي ??حت جي حوالي سان تحفظ فراهم ٿيندو پر صحت جي نظام ۾ به انقلابي تبديلي رونما ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ انشورنس جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀر??ئي تي جائ??ي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جي صوب??ئي ڪابينا پاران صوبي جي 100 سيڪڙو آبادي کي هن سال جي آخر تائين يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي جي منظوري کانپوءِ هيستائين ٿيندڙ اڳڀر??ئي جي حوالي س??ن آگاهه ڪيو ويو، صحت سهولت پروگرام جي فزيبلٽِ، بجيٽ جي ڪاٿي ۽ مرحليوار عملدرآمد تي شرڪت ڪندڙن کي ??فصيلي بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ويو ته ڊگهي مدي واري پلان تحت موجوده مالي سال جي پڄاڻي تائين ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان ڊويزن جي 7 ضلعن ۾ هليٿ ڪارڊن جي فراهمي يقيني بڻ??ئي ويندي جڏهن ته ڊسمبر 2021ع تائين پنجاب جي 100 سيڪڙو آبادي کي يونيورسل هيلٿ انشورنس تحت هيلٿ ڪارڊ جي ذريعي علاج جون بهترين سهولتون ميسر هونديون.