اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪير بکيو نه سمهي پروگرام کي پوري ملڪ تائين سگهه ڏينداسين، سرندي وارا ماڻهو ان پروگرام ۾ پنهنج?? ڀرپور ڪردار ادا ڪن، هر شهري جي لاءِ هيلٿ انشورنس جو پروگرام فخر جوڳو آهي، ان پروگرام کانپوءِ هاڻي ڳوٺاڻن علائقن ۾ به نجي شعبي ۾ سٺيون اسپتالون ٺهنديون. لاهو??، پشاور ۽ فيصل آباد ۾ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي خاص طور تي ڪير بکيو نه سمهي پروگرام جي ??صو?? کي عملي جامعو پ??را??ڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن ان ??صو?? کي ٽرڪ موبائيل ڪچن جو ??صو?? ڏئي عملي جامعو پارايو، جيڪي علائقا سڀ کان وڌيڪ پٺتي پيل ۽ غريب هوندا اتي ان پروگرام تحت اهي موبا.ئيل ٽرڪ ماڻهن کي ک??ڌو فراهم ڪنديون، شروعاتي طور تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو ان ۾ جيڪي مشڪلاتون اچي رهيون هيون انهن جو جائزو ورتو ويو ۽ ان کانپوءِ لاهو??، پشاور ۽ فيصل آباد ۾ اهو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، هي شروعات آهي، ان جو دائرو پوري ملڪ تائين وڌايو ويندو، غريب ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ اهي موبائيل ٽرڪ موڪليون وينديون.