اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان گڏيل قومن جي ??نر?? اسيمبلي جي صدر و??ڪن بوزڪر ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جهڙن اهم تڪرارن، افعان امن عمل، ڏوهن، بدعنواني ۽ رشوت جي آمدني جي غير قانوني منتقلي، پائيدار ترقي ۽ ڪووڊ – 19 وبا جي ڏس ۾ اقتصادي بحالي جي ڪوششن بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيرا??ظم عمران خان فلسطين مسئلي تي گڏيل قومن جي ??نر?? اسيمبلي جي خصوصي اجلاس گهرائڻ جي ??نر?? اسيمبلي جي صدر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته جنگ بندي جي اعلان کانپوءِ امن عمل جي بحالي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ رياستي ويزن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، وزيرا??ظم ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل قومن تحت عالمي تعاون وڌائڻ ۽ اسرندڙ م??ڪن جي مدد لاءِ قرض ۾ رليف، اقتصادي بحالي جي ڪوششن ۽ 2030ع تائين پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. و??ڪن بوز وزيرا??ظم کي اهم عالمي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل لاءِ ??نر?? اسيمبلي جي پنهنجي صدارت جي مدي دوران ڪيل مختلف قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.