اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان هري پور ۾ سياحت جي فروغ، گهٽ لاڳت رهائش جي فراهمي ۽ ڊيجيٽل سٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي تجويزن ??ي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم عم??ان خان سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير عمر ايوب خان، اڪبر ايوب خان ۽ ارشد ايوب خان ۽ يوسف ايوب خان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملاقات ۾ سينيٽر فيصل جاويد پڻ موجود هو.