اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) برطانيا جي وزيراعظم بو??س جانس ماحوليات جي عالمي ڏينهن 2021ع جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪس??ان کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ٽين بلين ٽري سونامي جهڙن منصوبن کي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته قدرتي ماحول جو تحفظ سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، هن چيو ته اڄ پوري دنيا کي ڪورونا وائ??س جي وبا درپيش آهي، اها وبا دراصل ان سلوڪ جو رد عمل آهي جيڪو ا??سا??ن قدرتي ماحول سان روا رکيو آهي، هن چيوته آلودگي ۽ غير معياري طرز عمل ماحوليات کي تمام گهڻو نقصا?? پهچايو آهي، موسمياتي تبديليون ان جو نتيجو آهن ۽ اڄ پوري دنيا انهن تبديلين جي منفي اثرن جي زد ۾ آهي.