اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، سريلنڪا سان ??طر??ي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪا جي ??اپار واري وزير ڊاڪٽر بندولا گناورڌني ۽ علائقائي تعاون جي رياستي وزير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهيون ڪندي چئي جنهن ڪاروباري وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ??طر??ي لاڳاپن، گهڻي رخي شعبن ۾ ??طر??ي تعاون جي ??روغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقا??ي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ??چ ۾ واپار، سيڙپڪاري، سياحت، زراعت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ??چ ۾ واپار، سيڙپڪاري جي ??روغ جي حوالي سان ڪيترائي معاهدا موجود آهن، جنهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان، سارڪ فورم جي حوالي سان به سريلنڪا کي اهم ملڪ ڳڻايو آهي ۽ سارڪ فورم کي موثر بڻائڻ لاءِ سريلنڪا سان گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي وزير سيالڪوٽ ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي ۾ پريا نٿا ڪمارا جي ??اڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي ان واقعي جي ذميدارن کي قرار واق??ي سازا ڏيارڻ لاءِ حڪومت پاڪستان پاران کنيل قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڊاڪٽر بندولا گناورڌني حڪومت پاڪستان پار??ن سيالڪوٽ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي خاطري ۽ معاوضي جي ادائيگي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو، گذريل سال فيبروري 2021ع ۾ وزيراعظم س??ن سريلنڪا جي ??نهنجي دوري جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير پاڪست??ن سريلنڪا جي ??چ ۾ آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) جي ذريعي ??طر??ي واپاري تعاون جي ??اپي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان علائقائي امن، ترقي، حصيداري ۽ رابطن جي ??روغ تي ٻڌل، اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، ڌرين ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ڪمپنين، واپاري چيمبرز جي ??چ ۾ ??طر??ي ملاقاتن جي ??روغ تي اتفاق ۽ علائقا??ي ۽ عالمي فورمن جي سمورن سطحن تي تعاون جي ذريعي علائقائي امن، ترقي ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ڊاڪٽر گناورڌنا سريلنڪا جي ??اپاري وفد سان 20 کان 27 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.