اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست جي قي??م جي ذريعي انساني تاريخ جي عظيم ترين تهذيب جو بنياد رکيو ۽ رياست جي لاءِ رهنما اصول جوڙيا، اسا?? کي پنهنجي رياست کي ان بنيادي اصولن موجب هلائڻ جو وچن ڪرڻو پوندو، قانون جي احتر??م جو چئيلنج فوري ڌيان جو مستحق آهي، طاقتور ۽ مڪار سياستدان ۽ مافيا ڪ??پٽ سسٽم جي ڪري پنهنجي مراعتن جو تحفظ ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهن ۽ انهن رياستي ادار?? کي به ڪرپٽ ٺاهي ڇڏيو آهي، اهي رت پياڪ اهڙا جيوڙا آهن جيڪي ملڪ سان مخلص نه آهن، اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان قومي اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ پنهنجي مضم??ن ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي به اهو مضمون شيئر ڪيو آهي، ”روح رياست مدينه: پاڪستاني معاشري جي نئين سر جوڙجڪ“ جي عنوان سان پنهنجي مضم??ن ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رياست مدينه جي روح کي زنده ڪرڻ جي لاءِ حڪومت قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪئي، قانون جي حڪمراني ان رياست جي اهم ترين خاصيت هئي. دنيا ۾ ڪامياب رياستون اهي ئي آهن جتي سختي سان گڏ قانون لاڳو ڪيو ويندو آهي. اولهه ۽ اوڀر ۾ جن قومن خوشحالي حاصل ڪئي انهن ئي اصولن تي عمل ڪيو، پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني کي نظرانداز ڪرڻ جي نتيجي ۾ قومي خزاني ۾ اربين ڊالر جي لُٽ مار ٿي جنهن عوام کي غربت ۾ مبتلا ڪ??ي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? کي جيڪي چئلينج درپيش آهن انهن ۾ فوري ڌيان جو مستحق قانون جي احتر??م جو چئلينج آهي، اسا?? کي ان جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي، اسان جي سياسي تاريخ ۾ طاقتور ۽ مڪار سياستدان ۽ مافياز قانون کان مٿانهون رهڻ جا عادي ٿي ويا آهن ۽ ڪرپٽ سسٽم جي مدد سان حاصل ڪيل سهولتن ۽ مراعت?? کي محفوظ بڻائيندا آهن ۽ انهن رياستي ادارن خاص طور انهن ادار?? کي جن جو ڪم ئي قانون جي احترام ۽ حاڪميت جي حفاظت ڪرڻ هو کي به ڪرپٽ بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙا ماڻهو ۽ مافيا ان نظ??م جو رت پيئندڙ اهي ڪيڙا آهن جيڪي ان ملڪ سان مخلص نه آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حقيقي قوت وسيلا ۽ صلاحيت?? کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ انه?? کي سڪست ڏيڻ اڻٽر آهي، وزيراعظم پنهنجي مضم??ن ۾ معاشري جي اخلاقي تعمير کي ماڻهن جي صوابديد تي ڇڏڻ ۽ رياست جي نيڪي ۽ بدي جي تصورن جي باري ۾ غير جانبدار هئڻ جي خيال کي فرسوده قرار ڏيندي چيو ته اهو تصور رياست کي پنهنجي اخلاقي ذميدار نڀائڻ کان روڪيندا، ۽ انهن جي مخالف?? کي کليو موقعو فراهم ڪندو آهي ته هو اسان جي تعليمي نظام ۽ معلومات جي ذريع?? کي استعمال ڪندي پنهنجي بي پناهه وسيلن جي مدد سان اسان جي اقتدار کي برباد ڪن، وزيراعظم چيو ته قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ سيرت النبي ﷺ جي تعليم جي ذريعي امر بن المعروف جي ذميداري ادا ڪ??ڻ لاءِ پرعزم آهي، ان سان اسان جي معاشري جا اخلاقي معيار بلند ٿيندا. وزيراعظم رياست مدينه جي فلاحي رياست جي تصور کي اجاگر ڪندي چيو ته مديني جي رياست تاريخ انسانيت جي پهرين رياست آهي جنهن ۾ ڪمزور طبقي جي ذميداري کنئي وئي، اسا?? کي به نبي ڪريم ﷺ جي ان سنت کي زنده ڪرڻو پوندو، اسان محدود وسيلن جي باوجود احساس پروگر??م جهڙي قدمن جي لاءِ ايترا وسيلا مختص ڪيا آهن جيترا پهرين ڪڏهن نه ڪيا ويا، صحت سهولت پروگرام پاڪستاني تاريخ جي عظيم منصوبن مان هڪ آهي، جيڪو شهرين جي لاءِ يونيورسل هيلٿ جي سروس فراهم ڪندو، اهي منصوبا غربت ۾ ڦاٿل انهن ڪمزور شهرين جو تحفظ ڪندا جيڪي علاج لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور آهن، ان سان سڄي ملڪ ۾ نجي اسپتالن جو هڪ نيٽ ورڪ به وجود ۾ ايندو، پنجاب حڪومت ان منصوبي لاءِ 4 سئو ارب روپيا مختص ڪيا آهن، وزيراعظم پنهنجي حڪومت پاران احساس اسڪالرشپ پروگر??م جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ان پروگرام تحت 6 ملين وظيفا ڏنا پيا وڃن، جنهن جي ماليت 47 ارب روپيا آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ تعليم جي شعبي ۾ ان جو ڪو مثال نٿو ملي.