فصيل آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب جي نوشڪي بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف وڙهندي ملڪ تي قربان ٿيندڙ دلير سپو?? ڪيپٽن ڊاڪٽر محمد بلال خليل شهيد جي رهائشگاهه تي پهچي شهيد جي والد ۽ ٻين عزيز?? سان تعزيت ڪئي. فرخ حبيب چيو ته دهشتگرد?? سان جنگ ڪندي شهيد ٿيندڙ قوم جي سپوتن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته شهيد قوم جي مٿي جا موڙ آهن، اسان کي پنهنجي جوانن جي قربانين تي فخر آهي. مملڪتي وزير چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ بي مثال قرابنيون ڏنيون آهن. فرخ حبيب الله تعاليٰ کان شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت عطا ڪرڻ جي دعا ڪئي.