اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان جي سياست جو بنياد جمهوريت آهي، عوام جي راءِ اسان جي لاءِ مقدم آهي، اسلام آباد ۾ ??لس?? جو مقصد ٽڪراءُ نه آهي، تحريڪ انصاف هڪ جمهوري پارٽي آهي، اسان شدت پسندي جي سياست ناهيون ڪندا، نه ئي ٽڪراءُ تي يقين رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو، چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري شجاعت صاحب معتبر شخصت آهي، وزيراعظم چوڌري صاحب کي سدائين عزت ڏني آهي، جمهوريت ۾ عوام جي راءِ اصل فيصلو آهي ۽ جلسا ان راءِ جي اظهار جو هڪ اهم ذريعو آهن، جيڪڏهن مخالف ڌر پرامن ??لس?? ڪرڻ چاهي ٿي ته ان ??لس?? کي به ڀليڪار چئون ٿا ۽ هر طرح جي سهول?? ڏينداسين.