اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نصاب ڪنهن به تعليم?? انفراسٽرڪچر ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ کي پنهنجي قومي نصاب ۾ شامل ڪري، اسان پنهنجي ايندڙ نسل جي لاءِ پنهنجي حقن ۽ ذميوارين کي چڱي طرح سان ڄاڻڻ جو بنياد رکيو آهي. هن چيو ته اسان جو تصور اهو آهي ته جڏهن اسان جا ٻار هن ملڪ جون واڳون سنڀاليندا ته اهي آئين س??ن گڏوگڏ انفارمي??ن ٽيڪنالاجي جي علم کان به چڱي ريت واقف هوندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سلمان صوفي جي سربراهي ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ تعليم واري وزارت سان گڏج?? انهن سڌارن جي قيادت ڪئي آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته اسان پنهنجي حڪومت جي مدي ج?? مختصر عرصي ۾ بامعنيٰ تعليمي سڌارن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهون.