اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کنڊ بحران جي انڪوا??ري ڪندڙ ڪميشن کي ڌمڪين ۽ بلوچستان ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي سان اڻوڻندڙ رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي باور ڪرايو ته اٽي ۽ کنڊ بحران جي 25 اپريل جي فرانزڪ رپورٽ ۾ سفارشن موجب ايڪشن ۽ نظام ۾ موجود خاميون ختم ڪيون وينديون، وزيراعظم پاڪستاني عوام کي يقين ڏياريو ته احساس پروگرام ۾ سياسي صوابديد نه آهي، هر اهو شخص جيڪو حقدار آهي ان کي انصاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي حق پهچايو پيو وڃي، ??فا??ي ڪابينا ڪڇي ڪينال انڪوائر?? ايف آءِ اي کان واپس وٺي نيب جي حوالي ڪرڻ، ڪابينا جي توانائي ??ابت ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن، يونيورسل سروس فنڊ ۾ وڌيڪ ضلعن کي شامل ڪرڻ، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ ٽاسڪ فورس جي تجويزن، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي عمارتن کي فلاحي ڪمن ل??ءِ استعمال ڪرڻ، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي لاءِ ڪيش وصولي جون جايون 15 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ??فا??ي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزيراعظم خاص معاون شهزاد اڪبر کي کنڊ ۽ ڪڻڪ جي حوالي سان انڪوا??ري رپورٽ کي ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.