راولپنڊي – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي متوازن حڪمت عملي سان ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ مدد ملي آهي جڏهن ته ملڪي معيشت جي ڪجهه اهم شعبن کي کولڻ سان م??ڻهن کي روزگار جا موقعا به ملندا، عوام موجوده چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊسپلين جو مظاهرو ڪري ۽ حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، اسان جي قوم ماضي وانگر هن آزمائش مان سرخرو ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشي?? احم??، سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه ن??تر ۽ عون عبا?? پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر غريب ۽ پورهيت طبقي جي لاءِ رمضان رليف پئڪيج جو اهتمام ڪرڻ تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته نيڪ ڪمن جي تشهير سان م??ڻهن ۾ اميد پيدا ٿئي ٿي ۽ انهن کي خبر پوي ٿي ته انهن جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي.