اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيليفون تي ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) بابت چئلينجن، عالمي معيشت تي ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا ??في?? پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن ۽ پا??ست??ن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري وڏي پئماني تي جاني نقصان تي آمريڪي صدر سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.