اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ 6 کان 8 هف??ن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي د??ا ٺهڻ شروع ٿي ويندي، ان قدم سان پاڪستان ۾ ڪورونا جي مريضن ۽ هيلٿ ورڪرز کي ڪوويڊ 19 جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد بنيادن تي سهولت ملي ويندي، آمريڪن ڪمپني پاڪستاني ڪمپني بي ايف بائيو سائنسز کي ڪورونا ??ائرس جي د??ا ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، دنيا ۾ ٻن ملڪن کي د??ا ٺاهڻ جي اجازت آهي، پاڪستان ان ۾ سرفهرست آهي، GILEAD ڏکڻ ايشيا جي 5 مينوفيڪچررز سان معاهدو ڪيو آهي، اهو قدم پاڪستان جي صحت جي شعبي، معاشي ۽ سفارتڪاري جي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا، واپار واري خاص معاون عبدالرزاق دائود، فارماسيوٽيڪل ڪ??پني جي سربراهه عثمان خالد نيشنل ڪ??انڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ صحافين کي بريف??گ ڏئي رهيا هئا.