اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آه?? ته مسلم ليگ (ن) 2013ع ۾ اقتدار ۾ ايندي ئي پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي، او جي ڊي سي ايل، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين سميت ٻين 41 ادارن کي ??جڪ??ري جي فهرست ۾ وڌو، پي آءِ اي جو خسارو 500 ارب تائين پهچي ويو، اسان قومي ادارن ۾ سڌارن ذريعي خساري کي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آه??، مخالف ڌر جيڪڏهن انهن کي ڪورونا سان ڳنڍيو ته ان تي سخت احتجاج ڪنداسين، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي تباهه حال معيشت ورثي ۾ ملي پر ان جي با??جود اسان ڪورونا جهڙي وبا سان جنگ وڙهي رهيا آه??ون. قومي اسيمبلي ۾ م??الف ڌر پاران اٿاريل نقطن تي ڳالهائيندي مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته ??جڪ??ري ۽ ادارن جي خساري واري معاملي تي انگ اکر موجود آه??، 2013ع ۾ م??لم ليگ (ن) جي حڪومت قائم ٿي، هن سڀ کان اڳ 41 ادارا ??جڪ??ري جي فهرست ۾و ڌا، انهن ۾ پي آءِ اي جي نيويارڪ ۽ پيرس ۾ هوٽل، پي ايم ڊي سي، او جي ڊي سي ايل، پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي ۽ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون شامل آه??.