اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت و??ري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي عيدالاضحيٰ تي ايس او پيز تي عمل ڪن ته جيئن ڪورونا وائ??س جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان کي عيدالاضحيٰ تي هڪ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، بحيثيت قوم اها اسان جي گڏيل ذميو??ري آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي مڪمل عمل ڪريون.