اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان بين الپارلياماني يونين جي صدر گيبريلا ڪيووس بير?? م??اقات ڪئي. اطلاعات واري وزير معزز مهمان جي آجيان ڪندي چيو ته مختلف سطح تي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ۽ هڪٻئي جي قدرن ۽ ثقافت کي سمجهڻ جو موقعو ملندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ عوام تائين رسائي ۽ راءِ عام هموار ڪرڻ جي حوالي ??ان گذريل سالن جي دوران سراسري تبديلي ??ئي آهي، اطلاعات واري وزير چيو ته ڊجيٽل ميڊيا جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي ڇو ته معلو??ات جي تشهير ۾ ان کي خصوصي اهميت حاصل آهي.