اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان بي شمار مسئلا درپيش آهن، ماضي ۾ انهن مسئلن جي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، تاز??ن برساتن انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگ?? ڪيو جنهن جي وفاقي ح??وم?? کي مڪمل ڄاڻ آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان“ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، سينيٽر شبلي فراز، سيد امين الحق، سيد علي حيدر رضوي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل (وڊيو لنڪ)، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ڪراچي جي پراڻي مسئلن جي حل جي حوالي سان جامع منصوبي ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان“ جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته صاف پاڻي جي فراهمي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ڪراچي جي عوام کي بي شمار مسئلا درپيش آهن، بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن مسئلن جي مستقل بنيادن تي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، هن چيو ته تاز??ن برساتن جتي انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگ?? ڪيو اتي ڪراچي جي عوام کي تمام گهڻن مسئلن جي ور چاڙهيو آهي، جنهن جي وفاقي ح??وم?? کي مڪمل ڄاڻ آهي.