اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جو ??عبو چئلينجن سان ڀر??ور آهي ۽ اسان جي نوجوانن کي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿيڻو پوندو، ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مهارت سان ليس نوجوانن جي ضرورت آهي، حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي رهي آهي ۽ نوجوانن کي هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڊي جي اسڪلز ۽ ڪامياب جوان تحت ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن ته جيئن اهي نوجوان اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ??هم ڪردار ادا ڪري سگهن. نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي سينٽر فار آرٽيفيشل انٽيليجنس جي اهتمام هيٺ آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪ ڪورس 2021ع جي پڄاڻي واري تقريب کي خ??اب ڪندي صدر چي?? ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تحقيق مان ڀر??ور فائدو کڻندڙ قومون ئي ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪري سگهن ٿيون، اسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي معلومات جو ??حيح ۽ وقت سر استعمال ۽ شين جي اڳواٽ سڃاڻپ ۾ آهي. صدر ٽيڪنالاجي ايڪ??پو ۽ اسٽارٽ اپ چلينج ۾ پاڪستاني محققن ۽ شاگردن جي مصنوعي ذهانت تي خوشي جو ??ظهار ڪيو ۽ چي?? ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته انهن مصنوعات ۾ اسان جي معاشري ۽ صنعت کي درپيش چئلينجز جو ??ديد طريقن سان احاطو ڪيو ويو آهي. صدر چي?? ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي، ان صنعت تي ڌيان ڏيڻ جي نتيجي ۾ گذريل مالي سال ۾ پاڪستان جي آءِ ٽي جو ??وانگي واپار 2.12 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، ان سان گڏوگڏ حڪومت نوجوانن کي هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڊي جي اسڪلز ۽ ڪامياب جوان تحت ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن ته جيئن اهي نوجوان اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ??هم ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر چي?? ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪ ڪورس 2021ع جهڙا قدم ملڪ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جهڙن ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ ۽ ڊيٽا ايناليسز کي ترقي ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا. صدر آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪ ڪورس 2021ع ۾ شاگردن، محققن کي ساراهيو ۽ ايڪ??پو ۾ انعام ۽ اعزاز ڏيندڙن کي مبارڪباد ڏني ۽ چي?? ته کيس يقين آهي ته اهڙي طرح جي پروگرامن ۽ قدمن سان نسٽ جو ??ينٽر فار آرٽيفيشل انٽيلجنس ملڪ جي مصنوعي ذهانت جي ترويج جي حوالي سان اولين سينٽر جو ??عزاز حاصل ڪندو. صدر چي?? ته کيس يقين آهي ته سينٽر علم تي ٻڌل معيشت جوڙڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪندو. صدر چي?? ته مصنوعي ذهانت جي بنياد تي مستقبل ۾ تمام وڏيون تبديليون اچڻ جو ??مڪان آهي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جا نوجوان ان ۾ مهارت ۽ تجربو حاصل ڪري ملڪ جي خ??مت ڪن ڇ?? ته ٽيڪنالاجي جو ??نساني زندگين ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چي?? ته مصنوعي ذهانت جو ??عبو چئلينجز سان ڀر??ور آهي، اسان جي نوجوانن کي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿيڻو پوندو.