اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) سوئس ڪن??يڊ??يشن جو پرڏيهي وزير ??يڊ??ل ڪائونسلر اگنازيو ڪيسس 7 کان 9 جولاءِ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، وفد ۾ سوئس پارليامينٽ جا ٽي ميمبر ۽ سينيئر عملدار شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اگنازيو ڪيسس کي هن سال 9 جنوري تي ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي جنيوا ۾ ملاقات دوران پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي. اسلام آباد ۾ ق??ام دوران هو وزيراعظم ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان سان ملاقات ڪندو. هو اسلام آباد ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ج?? دورو ڪندو جتي ڌريون ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.