اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته توانائي جو شعبو ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم اهميت رکندڙ آهي، صارفين ۽ صنعتن کي مناسب قيمت تي ب??لي جي فراهمي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ماضي جي حڪومتن طرفان ڪيل معاهدن، وقت سر ا??تظ??مي سڌارن کي هڪ پاسي رکڻ سان توانائي جي شعبي ۾ مختلف چئلينجز درپيش آهن جنهن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، عوام جي مشڪلاتن جو چڱي ريت اندازو آهي ۽ حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته ب??لي جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي ۽ جيستائين ممڪن ٿي سگهي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ب??لي جي قيمتن ۾ ممڪن گهٽتائي آڻڻ ج?? حوالي سان پنهنجي صدارت ۾ ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو