اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اس??ڊيز تي زور ڏنو آهي ته اهو تحقيق جي دائري ۾ سگهه تي خاص ڌيان ڏيندي پنهنجي هدفن جو نئي?? سر تعين ڪري، جڏهن ته تحقيق جي شعبي ۾ ئي علائقائي ۽ عالمي ادارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان رابطي ۽ تعاون کي پڻ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر اهي هدايتون انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اس??ڊيز جي وقتي صدر نديم رياض پاران ايوان صدر ۾ اداري جي ڪردار بابت ڏني ويندڙ پريزنٽيشن دوران جاري ڪيون. نديم رياض انساني وسيلن جي ت??قي ۽ تحقيقي پبيليڪيشنز جي حوالي س??ن اداري جي خدمتن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وڏي انگ ۾ اسڪالرز، ريسرچرز ۽ شاگردن انسٽيٽيوٽ جي پليٽ فارم تان فائدو کنيو آهي.