اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) افغانستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو سفير آصف دراني 18 ۽ 19 فيبروري تي قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ افغانستان جي لاءِ خصوصي ايلچين جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان مو??ب اهو اجلاس گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل پاران گهرايو ويو آهي ته جيئن افغانستان سان عالمي مشغوليت جي طريقن تي وڌيڪ ٺوس ۽ منظم انداز ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. بيان مو??ب اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي ج?? لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن سميت عالمي برادري سان ف??ال طور شامل ٿيڻ جي اسان جي ڪوششن جو حصو آهي.