اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ فتنه الخوارج جي 8 دهشتگر??ن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري 8 دهشتگر??ن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ج?? بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان اسان جو فخر آهن ۽ انهن جي پيشيوراڻي صلاحيتن تي فخر آهي. هن چيو ته فتنه الخوارج جا دهشتگرد ڌرتي تي بار آهن ۽ قوم جي حمايت سان هن ڌرتي تان خوارجي دهشتگردن ??و خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن ??ي خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.