اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي باباءِ قوم قائدا??ظم محمدعلي جناح کي قيام پاڪستان لاءِ سندس شاندار خدمتن تي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام ۾ قائدا??ظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قائدا??ظم جهڙا سچا، ايماندار ۽ ديانتدار اڳواڻ ئي ملڪن جي تقدير بدلائيندا آهن. اتحاد، ڀائيچاري، مذهبي رواداري ۽ گڏيل بقا اڄ جي ڏينهن جو پيغام آهي. قائدا??ظم جي پيدائش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته مسلمان دنيا جي مدبر ۽ عظيم اڳواڻ قائدا??ظم کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هي ڏينهن پاڪستان کي قائد جي ويزن مطابق عظيم ملڪ بڻائڻ جي عهد جو ڏينهن آهي. محسن نقوي چيو ته قائدا??ظم اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزاديءَ جي اهميت تي زور ڀريو. قائدا??ظم پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ مذهبي رواداري جو علمبردار هو. گهرو وزير چيو ته هڪ قوم جي حيثيت سان اسان کي اقليتن جي حقن ۽ مذهبي رواداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قائدا??ظم جي اصولن تي عمل ڪري اڳتي وڌڻو ۽ قومي مفاد ۾ ذاتي اختلافن کي پٺتي رکي وطن لاءِ سوچڻو آهي. هن چيو ته قائدا??ظم پنهنجي قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن لاءِ تاريخي ڌارا مٽائي، مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ آزاد مسلمان رياست جي خ??اب کي عملي جامو پهرايو. هن چيو ته قائدا??ظم جي اڻٿڪ جدوجهد جي ڪري اڄ اسان آزاد وطن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. قائدا??ظم جو اهو احسان قيامت تائين نٿا لاهي سگهون. گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي تخليق ۾ قائدا??ظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. قائدا??ظم تحمل، برداشت، مساوات ۽ رواداريءَ تي ٻَڌل معاشري جو خ??اب ڏٺو هو. اهڙي فلاحي معاشري لاءِ سڀني کيگڏجي پنهنجون توانائيون ڪتب آڻڻيون پونديون ته جيئن قائد جي خ??اب کي عملي جامو پهرائي سگهجي.