اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 11 کان 12 جنوري تائين پاڪستان جي ميزباني ۾ ”مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرن?? جي تياري ڪميٽي جي اجلا?? جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزير??عظ?? يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، پرڏيهي وزارت ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ڪانفرن?? جي تيارين جو جائزو ورتو جنهن ۾ هڪ ٺوس ايجنڊا پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ ڇوڪرين جي تعليم ۾ ايندڙ رڪاوٽن، ڇوڪرين جي تعليم جي سماجي ۽ معاشي فائدن ۽ تعليمي برابري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ جديد طريقي تي ڳالهه ٻولهه پڻ ش??مل آهي.