قرض 350 کرب ڊالر جي رڪارڊ سطح کان وڌي وڃڻ باوجود آمريڪا يوڪرين جنگ تي ڳري رقم ضايع ڪري رهيو آهي: روسي سفير

image

واشنگٽن- 30 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا ۾ روس جي سفير انتونوف چيو آهي ته هڪ طرف آمريڪي حڪومت جو قرض تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 350 کرب ڊالر رڪارڊ سطح کان وڌي ويو آهي ۽ ٻئي پاسي هو يوڪرين جنگ تي ڳري رقم ضايع ڪري رهيو آهي. تاس مطابق آمريڪا طرفان يوڪرين لاءِ وڌيڪ 20 ڪروڙ ڊالر جي فوجي امداد جي اعلان بعد جاري بيان ۾ روسي سفير چيو ته آمريڪي حڪومت يوڪرين جنگ تي جيڪا ڳري رقم ضايع ڪري رهيو آهي ان کي پر امن مقصد، ترقياتي هدفن ۽ آمريڪا ۾ ڪيترن سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل ڪرڻ جي ڪوششن تي خرچ ڪجي ها ته بهتر ٿئي ها. روسي سفير چيو ته آمريڪي اختياريون يوڪرين جنگ بابت پاليسي جي حوالي سان مڪمل طورتي ماضي ۾ ڦاٿل آهن. انهن جي سوچ هاڻي اها آهي ته هو 1991ع جي سرحدن تي ٻڌل يوڪرين ٻيهر قائم ڪري سگهن جنهن جي هاڻي ڪا اميد ناهي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری