اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فائن اٽي جي برآمد تي حڪومت پابندي هڻي ڇڏي آهي، ڪڻڪ جو مصنوعي بحران پيدا ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته عوام تائين سست?? ما??ي ۽ اٽي جي فراهمي جي راهه ۾ ايندڙ ??خيره اندوزن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي.