اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بي جي پي جي فاشسٽ حڪومت جي هٿان 126 ڏينهن ڊگهو ڪرفيو ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ والاريل ڪشمير جي عوام جي بنيادي حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن سعودي پارلياماني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ?? سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.