ڪراچي – 07 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته حڪومت شاگردن تي ڪيترائي وسيلا خرچ ڪري ره?? آهي، نوجوان هاڻي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون سرانج??م ڏين، اين اي ڊي يونيورسٽي مان تعليم پرائي نڪرندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا جي ملڪن ۾ اهم عهدن تي خدمتون سرانج??م ڏيندي پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جي 28هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.